پي ايس ايل 9: لاهور قلندرز جي ڪپتان ٻين ٽيمن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) فرنچائز لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي هڪ ڀيرو وري ٽائٽل کٽڻ لاءِ پراميد آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شاهين آفريديءَ چيو ته ٻه ڀيرا پي ايس ايل ٽائٽل کٽيو آهي، اميد آهي ته ڪاميابي جي سلسلي کي جاري رکنداسين.
هن چيو ته ڪجهه رانديگرن جي اين او سي جو مسئلو آهي، راجا پڪسا کي به اين او سي ناهي ملي، پنهنجي سرزمين ۽ فينز جي سامهون کيڏڻ سٺو لڳندو آهي.
لاهور قلندرز جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته فينز سپورٽ ڪيو آهي، اميد هئي هن ڀيري به فائنل لاهور ۾ ٿيندو پر ڪراچي ۾ ٿي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته نسيم شاهه لاءِ سٺو موقعو آهي هو فارم ۾ واپس اچي رهيو آهي، پراميدو آهيون ته فاسٽ بالر پاڪستان سپر ليگ ۾ سٺو پرفارم ڪري قومي ٽيم ۾ واپسي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.