بني گالا ۾ نظر بند بشريٰ بي بي جي حياتي کي خطرو، اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ڀيڻ مريم رياض وٽو دعويٰ ڪئي آهي ته بني گالا ۾ سندس ڀيڻ جي حياتي کي خطرو آهي.
مريم رياض وٽو، ڀيڻ جي صحت بابت خدشن جو اظهار ڪيو ۽ عدليا کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي.
بشريٰ بي بي کي توشا خانا ڪيس ۾ سزا ٻڌائڻ کانپوءِ بني گالا ۾ نظربند رکيو ويو آهي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مريم رياض وٽو چيو ته جيل اختيارين جي اڻوڻندڙ ورتاءُ سبب بشريٰ بي بي جي حفاظت جي حوالي سان انتظامن تي سخت ڳڻتي آهي.
هن چيو ته اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ بشريٰ بي بي جي حفاظت جون ذميوار آهي پر هو پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، جڏهن ته بشريٰ بي بي جي ڌيءَ کي ڏهن ڏينهن کانپوءِ ملاقات جي اجازت ملي.
مريم رياض وٽو ٻڌايو ته سندس ڌيءَ انڪشاف ڪيو ته جيل ۾ بشريٰ بي بي کي اهڙو کاڌو ڏنو ويو جنهن سبب سندس ڳلو ۽ پيٽ خراب ٿي ويو ۽ هوءَ ڏاڍي ڪمزور ٿي وئي آهي.
هن مطالبو ڪيو ته بشريٰ بي بي جي طبي معائني لاءِ سندس فيملي ڊاڪٽر کي ملڻ جي فوري اجازت ڏني وڃي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن مريم رياض وٽو ٽوئيٽ ذريعي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي، ليڊي ڪانسٽيبل کي اتان هٽايو ويو آهي، جيل اختيارين ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي، باقي ليڊي پوليس ڪانسٽيبل تبديل ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسان وٽ بشريٰ بي بي اڃا تائين کاڌي ۾ تيزاب ملڻ جي شڪايت ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.