پيٽرول ناهيان پئيندو جو هڪ ڏينهن ۾ 300 ڇڪا هڻندس: آصف علي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پاور هٽر آصف علي روز سئو کان ڏيڍ سئو ڇڪن جي پريڪٽس واري بيان کي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته آگسٽ 2022ع ۾ آصف علي ايشيا ڪپ جي تياري بابت ڳالهائيندي ٻڌايو هو ته روز 100 کان 150 ڇڪن جي پريڪٽس ڪندو آهي ته جيئن ميچ دوران ڇڪا هڻي سگهي.
ان کانپوءِ ايشيا ڪپ ۾ آصف علي جي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ اهڙي بيان تي کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي آصف علي چيو آهي ته مان پيٽرول ناهيان پيئندو جو روز ٽي سئو ڇڪا هڻندس؟.
هن چيو ته نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڪئمپ دوران ڇڪن جي پريڪٽس ڪئي هئي پر اهڙي قسم جو بيان ڏيڻ منهنجي به غلطي هئي ۽ لڳائڻ وارو به غلط هو.
آصف علي مداحن کي دعائن جي درخواست ڪندي چيو ته فنيز دعا ڪن ته جيئن پي ايس ايل ۾ سٺو پرفارم ڪري ٽيم ۾ واپسي ڪري سگهان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.