ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم پي ايس ايل نوَ جي ٽرافي جي مهورتي تقريب دوران پنهنجي ڪنوار بابت سوال تي چپ رهڻ ئي بهتر سمجهيو.
پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن جي ٽرافيءَ جي مهورتي تقريب دوران بابر اعظم جي شادي جو موضوع هڪ ڀيرو وري خبرن جي زينت بڻجي ويو آهي.
ٽرافيءَ جي مهورتي تقريب کانپوءِ اينڪر زينب عباس سان گفتگو واري سيشن دوران محمد رضوان هڪ ڀيرو وري بابر اعظم جي شادي جي ڳالهه ڇيڙي ڇڏي، جنهن جي جواب ۾ بابر اعظم چيو ته اوهان کي اڪيلي ۾ ٻڌائيندس.
زينب عباس سيشن کي اڳتي وڌائيندي چيو ته اڄڪلهه اوهان جي شادي هر هنڌ بحث جو موضوع بڻيل آهي، شاداب، شاهين ۽ شان مسعود ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هاڻي ته سڀني جي شادي ٿي چڪي آهي.
جنهن تي بابر چيو ته انهن جو شڪلون به ڏسو، بابر جي تبصري تي شاداب واضح ڪيو ته هو ڏاڍو خوش آهي.
ان دوران ڪپتانن سان گڏ ويٺل همراهه بابر کان سوال ڪيو ته اوهان جي ڪنوار ڪراچي مان هوندي؟ جنهن تي زينب عباس به ساڳو ئي سوال ورجايو.جڏهن ته بابر اعظم جواب ڏيڻ بدران چپ رهڻ ۾ ئي بهتري سمجهي.
You might also like