روسي صدر پاران شهرين کي وڌيڪ ٻار ڄڻڻ جي اپيل

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر والاديمير پيوٽن ملڪ جي شهرين کي وڌيڪ ٻار ڄڻڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن شهرين کي ترقي ڪرڻي آهي ته اُهي وڌيڪ ٻار ڄڻين.
پرڏيهي ميڊيا موجب روسي صدر ولاديمير پيوٽن يورالز جي علائقي ۾ ٽينڪ فيڪٽري جي دوري تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن روس کي ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيو ٿا ته روسي شهرين کي 3 يا ان کان وڌيڪ ٻار ڄڻڻ گھرجن نه ته قوم جي نسلي بقا جي خاطر گھٽ ۾ گھٽ 2 ٻار ته ضرور ڄڻڻ گھرجن.
هن چيو ته جيڪڏهن هر خاندان رڳو هڪ ٻار ڄڻيندو ته آبادي گھٽبي ويندي. جيڪڏهن روس کي پنهنجي سڃاڻپ محفوظ رکڻي آهي ته ان لاءِ هر خاندان گھٽ ۾ گھٽ 3 ٻار ڄڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.