جي ڊي اي ڌرڻو، ملڪ ۾ ايمرجنسي يا مارشل لا لڳي سگھي ٿي: پير پاڳارو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پير پاڳاري صبغت الله شاهه راشدي چيو آهي ته هاڻي فوج سڀني کي آزمائي ورتو آهي ٿي سگھي ٿو ته ايمرجنسي يا مارشلا لڳي وڃي، اها ئي عدليا ليگل ڪور ڏيندي.

حيدرآباد ۾ چونڊ نتيجن خلاف رٿيل ڌرڻي کي خطاب ڪندي پير پاڳاري چيو ته اليڪشن جو نتيجو اڍائي ٽي مهينا اڳ ئي بڻجي چڪو هو ۽ پيمنٽ به ٿي چڪي هئي، جيڪا فوج وفاق کي سنڀالي ويٺي آهي ان سان اختلاف جو سوچي به نٿو سگھان، جنهن اليڪشن کٽي آهي اُهو پاڻ مٿي تي هٿ رکي ويٺو آهي، فيصلو ڪندڙن کي سوچڻو پوندو هاڻي هنن سان گڏ ڪو به قومي سطح جو ليڊر نه آهي.

هن چيو ته آئون چونڊ مهم لاءِ به گھران نه نڪتو هيس، اليڪشن دوران دستن چيو ته جلسا ڪريون آئون منع ڪري ڇڏيو، هڪ جلسي تي 8 کان 10 ڪروڙ روپيا خرچ ٿيندو آهي، اليڪشن دوران ڪٿي نه نڪتس، نه جلسو ڪيو ۽ نه ئي ڪارنر ميٽنگز ڪيون.

سندس چوڻ هو ته سندس چوڻ هو ته سياست کان پري رهندو آهيان ڇو جو ڪوڙ ڳالهائڻو پوندو آهي، جيڪو جيترو سٺو ڪوڙ ڳالهائي سگھي ٿو اُهو اوترو ئي سٺو ليڊر بڻجي سگھي ٿو، اسان جو احتجاج اليڪشن تي ڌاڙو هڻڻ جي خلاف آهي.

پير پاڳاري چيو ته هاڻي ڪو به ليڊر نيشنل ليول جو نه رهيو آهي، هاڻي فوج کانسواءِ ڪو به وفاق نٿو سنڀالي سگھي، اسان فوج جي ڪري عزت ۽ سڪون سان ويٺل آهيون.

هن چيو ته منهنجي نظر ۾ پي ٽي آءِ باني چور نه آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني چور آهي اسان سڀ به چور آهيون، توشه خانه جي معاملي تي پي ٽي آءِ باني کان غلطي ٿي وئي هوندي، اليڪشن ثابت ڪري ڇڏيو ته ڪو ليڊر نيشنل ليول جو نه آهي سڀ صوبائي ليڊر آهن، اڍائي ڪروڙ نوجوان ووٽرن جي ٻوڏ کي نه روڪيو وڃي، پي ٽي آءِ بانيءَ جي نوجوان ووٽرن ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي، مٿي کچڙي بڻجي وئي آهي، اٺن ڏهن مهينن کان وڌيڪ اها حڪومت نٿي هلي سگھي، معاشري کي امير يا غريب ماڻهو نه پر مڊل ڪلاس هلائيندو آهي، دوستن چيو ته اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪريون، جيڪڏهن ڪجهه دوستن جي چوڻ تي اسان اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪريون ها ته انهن کي وائکو نه ڪري سگھون ها فوج هاڻي سڀني کي آزمائي ورتو آهي سگھي ٿو ته ايمرجنسي يا مارشلا لڳي وڃي، اها ئي عدليا ليگل ڪور ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.