ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پ پ جو چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ( جِي ڊي اَي ) جي ڌرڻي تي ردعمل سامهون آيو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو ته جي ڊي اي جلسو نه مريدن جو اجتماح آهي، چونڊن ۾ پ پ مخالفن کي بدترين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، جي ڊي اي يا سندن اتحادي ڪنهن هڪ ضلعي ۾ به ڪامياب ناهن ٿيا.
هن چيو ته ماڻهو انڌا ۽ بيوقوف ناهن، سنڌ ۾ جي ڊي اي اتحاد پ پ مخالفت ۾ ٺهيو، اِهو اتحاد هر اليڪشن ۾ ٺهندو آهي.
سندس چوڻ هو ته جي ڊي اي سميت ٻين مخالفن سان ڪا به دشمني ناهي، ڪنهن به پارٽي سان ڪو جهيڙو ناهي، احتجاج ڪندڙ پارٽين جي سربراهه منهنجي سيٽ تي اليڪشن وڙهن.
هن چيو ته هي ماڻهو 5 سال گهرن ۾ ويٺا هوندا آهن، چونڊون ايندي ئي گڏ ٿيندا آهن، جتي ڌرڻو هنيو ويو آهي ته اتي جي ڊي اي کي پنج هزار کان وڌيڪ ووٽ ناهن مليا، ان علائقي ۾ پ پ هڪ لک کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي جلسي ۾ پ پ قيادت خلاف غلط ڳالهيون ٿينديون ته خاموش نه ويهنداسين، جيڪڏهن اوهان جي ايتري مقبوليت هئي ته اوهان اتحادين سميت پيپلز پارٽي جو مقابلو ڇو ڪندا آهيو؟ .
You might also like