آمريڪا کي چونڊن ۾ مداخلت جي دعوت ڏيڻ ملڪي خودمختياري جي خلاف آهي: ن ليگ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو اهي ته آمريڪا کي ملڪي چونڊن ۾ مداخلت جي دعوت پاڪستاني جي خودمختياري جي خلاف آهي، عمران خان چيو آهي ته اچ آمريڪا منهنجي مدد ڪر، هن جو ايبسلوٽلي ناٽ؟ اسان غلام نه آهيون، جو نعرو ڪيڏانهن ويو؟

اها ڳالهه ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ ۽ مريم اورنگزيب لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي.

مريم اورنگزيب چيو ته ڪنهن کي به اليڪشن جي نتيجن تي اعتراض آهي ته اُهو اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري، ميڊيا هلايل غير حتمي نتيجن جي حوالي سان پروپيگينڊا ڪئي پئي وڃي اسان اليڪشن ڪميشن جا ترجمان نه آهيون پر اهي قانون آهن، تحريڪ انصاف پاران بنا جواز انارڪي ۽ ڏڦيڙ پکيڙيا پيا وڃن، پي ٽي آءِ وارا ان وقت به ڏڦيڙ پکيڙي رهيا هئا جڏهن چيني صدر اچي رهيو هو، بجلي جا منصوبا بڻجي رهيا هئا، اهڙيءَ طرح طاهر القادري سان گڏ ويهي و قبرون کوٽي رهيا هئا، آر ٽي ايس ته 2018ع ۾ ويهجي ويو ۽ هي اڄ ڌانڌلي جي ڳالهه ڪن پيا.

مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ وارن جو دماغ ئي ڏڦيڙ پکيڙجڻ جو آهي جيڪڏهن هي ڪنهن شيءِ جا ماهرن آهن ۽ شاباشيءَ جا مستحق آهن ته ڏڦيڙ، فتني ۽ فساد پکيڙڻ ۽ ملڪ کي معاشي طور تباهه ڪرڻ جا آهن. اڄ تائين ڪنهن به جماعت جي سربراهه ڪنهن ٻئي ملڪ کي چيو آهي ته اُهو اسان جي چونڊن ۾ مداخلت ڪري؟ ان جو مطلب آهي ته اوهان آمريڪا جا غلام آهيو اوهان کي اتان فارن فنڊنگ ايندي آهي ۽ اوهان ملڪي خودمختياري جي خلاف ٻئي ملڪ کي مداخلت جي دعوت ڏئي رهيا آهيو، آئون عالمي ميڊيا کي چوان ٿي ته پي ٽي آءِ وارا هارايل آهن هنن وٽ ڌانڌلي جو ڪو ثبوت نه آهي جيڪڏهن کين اعتراض آهي ته قانون موجب اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.