ذوالفقار علي ڀٽو ڦاسي ڪيس ۾ داخل صدارتي ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ڦاسي ڪيس ۾ داخل صدارتي ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 9 رڪني لارجر بينچ 20 فيبروريءَ تي ٻڌڻي ڪندي.
جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي لارجر بينچ ۾ شامل آهن.
سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي عدالتي مددگارن کان لکت ۾ دليل طلب ڪيا هئا.
ياد رهي ته 12 سال اڳ 2011ع ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 186 تحت ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي حڪم تي ڦاسي جي فيصلي بابت هڪ ريفرنس داخل ڪيو هو.
ڪيس جي پهرين ٻڌڻي 2 جنوري 2012ع آخري 12 نومبر 2012 تي ٿي هئي.
پهريون 5 ٻڌڻيون اڳوڻي چيف جسٽس افتخار حسين چوڌري جي سربراهيءَ ۾ 11 رڪني لارجر بينچ ڪيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.