مشهور ڀارتي اداڪارا دل جو دورو پوڻ سبب فوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ڀارتي اداڪارا ڪويتا چوڌري دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب 54 ورهين جي اداڪارا ڪينسر ۾ به مبتلا هئي ۽ سندس علاج هلي رهيو هو پر انهيءَ دوران کيس دل جو دورو پيو جنهن سبب هوءَ فوت ٿي وئي.

ڪويتا چوڌري جي اوچتي موت ڀارتي ٽي وي انڊسٽري کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس ساٿي فنڪارن اننگ ديسائي، امت ڀل ۽ ٻين افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

Udaan actor and Lalita-ji of iconic ad, Kavita Chaudhary, dies of heart  attack at 67 - India Today

واضح رهي ته اداڪارا کي ٽي وي ڊرامن اڙان ۽ آِ پي ايس ڊائريز سان شهرت ملي ۽ عورت پوليس آفيسر جي ڪردار ۾ گھڻو ساراهيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.