ن ليگ پنجاب ۾ وڏ وزارت لاءِ نمبر پورا ڪري ورتا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب ۾ وڏ وزارت لاءِ نمبر پورا ڪري ورتا.
ذريعن موجب پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ن ليگ جي ڳڻپ 190 تائين پهچي وئي آهي، ن ليگ ۾ 16 آزاد اميدوار شامل ٿيڻ کان پوءِ ن ليگ جي جنرل سيٽن جو انگ 153 ٿي ويو.
ن ليگ کي عورتن ۽ اقليتن جون 37 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي.
واضح ڙهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ ايوان جي قائد جي سادي اڪثريت لاءِ 186 ميمبرن جي ضرورت آهي. ن ليگ مريم نواز کي پنجاب جي وڏ وزارت جو اميدوار نامزد ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.