ريڊمي جو سڀ کان سستو فون متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني شيائومي پنهنجي برينڊ ريدمي جي اي سيريز جو سستو فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

ڪمپني ريڊمي اي ٿري کي 6.7 انچ اسڪرين ۽ فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻين سيڪيورٽي فيچرز سان متعارف ڪرايو آهي.

ريڊمي اي 3 کي اينڊرائيڊ 14 آپريٽنگ سسٽم جڏهن هيليو جي 360 جي چپ ۾ پيش ڪيو آهي، هن کي مختلف ميموري ماڊيولز ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

ڪمپني فون کي 5 هزار ايم اي ايڇ بيٽري جڏهن ته 10 واٽ فاسٽ چارجر سان متعارف ڪرايو آهي.

فون پٺيان هڪ 5 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني ويئ آهي جڏهن ته پٺيان ٻه ڪيمراز ڏنل آهن.

ريڊمي اي 3 پٺيان مين ڪيمرا 8 ميگا پڪسل جي آهي جڏهن ته ٻي ڪيمرا کي ان کان گهٽ پڪسلز ڏنا ويا آهن پر ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فونز جي ڪيمراز جي ٽيڪنالاجي اپڊيٽ سينسرز سان ليس آهي.

فون کي 3، 4 جي بي ريم جڏهن ته 64 ۽ 128 جي بي ميموري سان متعارف ڪرايو ويو آهي.

3 جي بي 64 جي بي ميموري ماڊيول جي پاڪستاني قيمت 24 هزار 4 جي بي ريم ۽ 128 جي بي ميموري ماڊيول جو اگهه 27 هزار رپيا رکيو ويو آهي.

سڀ کان مهانگو 6 جي بي ريم 128 جي بي ميموري وارو ماڊيول 30 هزار رپين ۾ ملندو.

هن وقت اهو پاڪستان ۾ متعارف ناهي ڪرايو ويو پر جلد پيش ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.