ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽي وي ميزبان اقرار الحسن جون پير آف بلاوڙا شريف حق خطيب حسين علي بادشاهه سان مناظري جون وڊيوز وائرل ٿي ويون آهن.
اقرار الحسن ڪجهه هفتي اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته پير آف بلاوڙا شريف ساڻس مناظري جو چئلينج رد ڪري ڇڏيو آهي، پر هاڻي سندس لائيو مناظري جون وڊيوز وائرل ٿي ويون آهن ۽ اقرار الحسن جو نالو ٽويٽر تي ٽاپ ٽرينڊ ڪري رهيو آهي.
اقرار الحسن پير آف بلاوڙا وڃي مناظرو ڪرڻ کان اڳ يوٽيوب تي هڪ مختصور وڊيو به شيئر ڪئي ۽ ٻڌايو ته هو پاڻ سان معذور ۽ بيمار وٺي پيو وڃي ته جيئن حق خطيب حسين علي بادشاهه ڦوڪ سان انهن معذورن کي پيرن تي بيهاري سگهي.
تنهن بعد هن يوٽيوب تي پير آف بلاوڙا شريف سان مناظري جي لائيو وڊيو به شيئر ڪئي جنهن ۾ ڪو آواز سمجهه ۾ نٿو اچي ۽ اقرار الحسن کي هجوم ۾ حق خطيب سان ڀاڪر پائيندي ڏسي گهجي ٿو.
اقرار الحسن پنهنجن ٽويٽس ۾ ٻڌايو ته حق خطيب جي مريدن سندن ٽيم تي تشدد ڪيو، موبائيل ۽ ڪيمرا ڦر ڪئي ۽ لائيو نشر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
اقرار الحسن هڪ ٽويٽ ۾ اها به تصديق ڪئي ته پوليس جي سادي لباس ۾ اهلڪارن اچي کين بچايو ۽ هاڻي هو محفوظ آهن.
اقرار الحسن جون جاري ڪيل وڊيوز مان هڪ وڊيو هي آهي.
اس ایک منٹ کی ویڈیو سے آپ کو دین کے اِن جھوٹے ٹھیکیداروں کی اوقات کا اندازہ ہو جائے گا۔ #HaqKhateebExposed pic.twitter.com/4MVWSf5RTQ
— Iqrar ul Hassan Syed (@iqrarulhassan) February 15, 2024