اي اين پي جو ڪنهن به پليٽ فارم تي پي ٽي آءِ سان سهڪار کان انڪار

پشاور (ويب ڊيسڪ) اي اي پي ڪنهن به پليٽ فارم تي پي ٽي آءِ سان سهڪار کان معذرت ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر اي اين پي اڳواڻ ميان افتخار حسين سان رابطو ڪيو ۽ اي اين پي کي چونڊ نتيجن خلاف احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني.
ان حوالي سان ميان افتخار حسين ٻڌايو ته اي اين پي ڪنهن به پليٽ فارم تي پي ٽي آءِ سان سهڪار کان معذرت ڪئي آهي، ڪي پي ۾ ڌانڌلي ذريعي پي ٽي آءِ کي حڪومت ڏني وئي آهي، اي اين پي جو موقف آهي ته هتي پي ٽي آءِ کي سپورٽ ڪيو ويو ۽ اسان کي هارايو ويو.
هن چيو اي اين پي سمجهي ٿي ته هنن حالتن ۾ پي ٽي آءِ سان جماعت طور ڳالهيون موزون ناهن، اي اين پي احتجاج جو اعلان ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.