عمران خان صوبائي اليڪشن نه وڙهندڙ شخص کي وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ان شخص کي بلوچستان جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو، جيڪو صوبائي اسيمبلي جي چونڊ ئي نه وڙهيو.
عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر پي ٽي آءِ باني جي فيصلن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته بلوچستان ۾ وڏ وزارت جو اميدوار سالار خان هوندو.
سالار خان تازين چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جي اليڪشن نه وڙهي، هن قومي اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو ورتو پر کيس شڪست ملي.
پر ميڊيا تي پنهنجو نالو ڏسي سالار خان وضاحتي بيان جاري ڪيو ته هو وڏ وزارت جو اميدوار ناهي پر ان جي مشاورت سان وڏي وزير جو فيصلو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.