جنسي تعلق سان ٿيندڙ وائرس سان عورتن ۾ دل جا مرض وڌڻ جو انڪشاف

ڊگھي ۽ انوکي تحقيق مان خبر پئي آهي ته جنسي تعلق سان ٿيندڙ هيومن پپلوما وائرس (Human papillomavirus) سان عورتن ۾ دل جا مرض وڌڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.

هيومن پپلوما وائرس (Human papillomavirus) ايڇ پي وي گھڻو ڪري غير محفوظ جنسي تعلق سان ٿيندو آهي، پر اهو وائرس محفوظ جنسي تعلق سان به ٿي سگھي ٿو.

هن وقت ڄاڻايل جنسي وائرس جو ڪو تصديقي علاج موجود نه آهي، پر ماهر مختلف دوائن سان ان جو علاج ڪندا آهن.

عام طور تي ايڇ پي وي جون علامتون ظاهر نه ٿينديون آهن ۽ ان وائرس ۾ مبتلا رهندڙ ماڻهو سنگين مرصن جو شڪار بڻجي سگھن ٿا پر عام طور تي اهو وائرس پاڻمرادو به ختم ٿي ويندو آهي.

ايڇ پي وي سان عورتن ۽ مردن ۾ مختلف قسمن جي ڪينسر جا امڪان به وڌي ويندا آهن ۽ هاڻي اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ان سان عورتن ۾ دل جا مرض به وڌي سگهن ٿا.

طبي رسالي يورپين هارٽ جرنل ۾ ڇپيل تحقيق موجب ماهرن ڏيڍ لک کان وڌيڪ ڪوريائي عورتن تي تحقيق ڪئي جيڪي شروع ۾ دل جي ڪنهن بيماري ۾ مبتلا نه هيون.

ماهرن 17 ورهين تائين ڄاڻايل عورتن ۾ ايڇ پي وي جي سطح، قسم ۽ ان جي ڪري ٿيندڙ پيچيدگين جو جائزو ورتو، جنهن مان خبر پئي ته جنسي وائرس عورتن ۾ دل جا مرض وڌڻ جو به سبب بڻجي سگھي ٿو.

ماهرن موجب ايڇ پي وي ۾ لاڳيتو مبتلا رهندڙ عورتن ۾ دل جي مرضن ۽ هارٽ اٽيڪ سان سندن موت ۾ به اضافو ٿي سگھي ٿو.

ماهرن موجب ايڇ پي وي ۾ مبتلا رهندڙ عورتن ۾ دل جي مرضن جو شڪار رهڻ جا امڪان چار سيڪڙو تائين وڌي وڃن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.