ملڪي عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 22 لک 60 هزار تائين پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
جولاءِ کان ڊسمبر 2023 تائين ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ، شرعي عدالت، سڀني هاءِ ڪورٽس، ضلعي عدالتن جا انگ اکر شامل آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 22 لک 60 هزار تائين پهچي ويو آهي.
رپورٽ موجب 2023 جي آخري 6 مهينن دوران ٻڌڻي هيٺ ڪيسن ۾ 3.9 سيڪڙو واڌ ٿي، ڪُل ٻڌڻي هيٺ ڪيسن ۾ 82 سيڪڙو ضلعي عدالتن ۾، جڏهن ته 18 سيڪڙو اعليٰ عدليا ۾ آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ کان ڊسمبر 2023 دوران 23 لک 80 هزار نوان ڪيس داخل ٿيا، ان عرصي دوران 23 لک ڪيس اڪلايا ويا.
رپورٽ موجب هاءِ ڪورٽس ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن مان 81 سيڪڙو ديواني ڪيس آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.