تحريڪ انصاف جو جي يو آءِ سان رابطو، پي ٽي آءِ وفد جي فضل الرحمان سان ملاقات جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف وفد جي اڄ جمعيت علماءِ اسلام سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ قيادت جو جمعيت علماءِ اسلام جي قيادت سان رابطو ٿيو آهي ۽ بئريسٽر گوهر علي خان جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ وفد جي اڄ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جو امڪان آهي.
هوڏانهن اڊيالا جيل راولپنڊي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته عمران خان سڀني سياسي جماعتن سان ڳالهائڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي.
هن چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪندڙ جماعتن سان رابطو ڪنداسين، جي يو آءِ، اي اين پي، جماعت اسلامي ۽ قوم پرست جماعتن سان ڳالهائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.