عمران خان جيل مان آمريڪا لاءِ پيغام موڪلي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان چونڊ نتيجن خلاف آمريڪا کان آواز اٿارڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
عمران خان سان ملاقات کانپوءِ اڊيالا جيل سامهون صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر سيف چيو ته پي ٽي آءِ باني پيغام پهچايو آهي ته آمريڪا وٽ پنهنجي غلطين جي ازالي جو موقعو آهي.
بئريسٽر سيف موجب عمران خان چيو ته ڪاسميٽڪ بيان نه هلندا، چونڊن تي جيئن آمريڪا کي آواز اٿارڻ گهرجي، ائين نه اٿاريو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي هدايت موجب پ پ سان ڳالهيون نه پيون ٿين، نه اسان ڳالهيون ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته مان پي ٽي آءِ باني کي پ پ جي آڇ جو ٻڌايو، هن ڳالهين کان روڪي ڇڏيو، اسان جي ون پوائنٽ ايجنڊا آهي ته پاور پاليٽڪس نه ڪنداسين.
بئريسٽر گوهر چيو ته پ پ سان ڳالهيون ٿيون آهن نه ٿينديون، وزيراعظم لاءِ پي ٽي آءِ جا نمبر پورا آهن پر جيڪا جماعت 20 سيٽون مَس کٽي ان کي حڪومت ڏني پئي و ڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.