پي سي بي جي حارث رئوف کي سزا ڇا ٻين رانديگرن لاءِ پيغام آهي؟

ڪراچي ( تجزيو سرمد سولنگي ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شموليت کان انڪار ڪرڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ ختم ڪري ڇڏيو آهي.
ٻه هزار سترنهن واري چيمپئنز ٽرافيءَ جي فائنل ۾ اڳوڻي انگلش ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر ناصر حسين پاڪستان ٽيم لاءِ هڪ تاريخي جملو چيو هو” پاڪستان ڪرڪيٽ اِٽ از بيسٽ، ون منٽ ڊائون، نيڪسٽ منٽ اَپ“ اِهو جملو نه رڳو پاڪستان ٽيم پر پاڪستاني ڪرڪيٽ بورڊ تي به سونهين ٿو.
حڪومت جي تبديلي جو اثر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تي به پوندو آهي ۽ نئين انتظاميا نئين سوچ سان ميدان ۾ لهندي آهي.
ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي سبب پهريان ته ڪپتان بابر اعظم کي هٽايو ويو ان کانپوءِ حارث رئوف جي ڪارڪردگي به اهڙي نه هئي جو کيس پاڪستان ٽيم لاءِ وڌيڪ موقعو ڏنو وڃي پر ان باوجود چيف سليڪٽر وهاب رياض کيس آسٽريليا جي دوري لاءِ کيڏائڻ پئي چاهيو ۽ فاسٽ بالر سان ڳالهه ٻول پڻ ڪئي هئي پر ذهني دٻاءُ ۽ ورڪ لوڊ جو بهانو بڻائي حارث رئوف آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏڻ جواب ڏئي ڇڏيو.
ذهني دٻاءُ يا ورڪ لوڊ سبب پاڪستان لاءِ کيڏڻ کان انڪار ڪندڙ حارث رئوف پاڪستان ڪرڪيٽ ورڊ طرفان اجازت نامو ( اين او سي ) وٺي آسٽريليا ۾ ٿيندڙ بِگ بيش ٽي ٽوئنٽي ليگ کيڏي جنهن بعد پي سي بي فاسٽ بالرجو سينٽرل ڪانٽريڪٽ ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، اِهو فيصلو آسٽريليا دوري لاءِ پاڪستان جي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شموليت کان انڪار کانپوءِ سندس خلاف هلندڙ جاچ جي روشني ۾ ڪيو ويو.
پڌرائي موجب، حارث رئوف خلاف جاچ ڪندڙ ڪميٽي طرفان ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ۽ معاملي ۾ شامل تمام اسٽيڪ هولڊرز جي خيالن کي نظر ۾ رکندي فاسٽ بالر جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ پهرين ڊسمبر 2023ع کان ختم ڪيو ويو آهي ۽ کيس 30 جون 2024 تائين ڪنهن به پرڏيهي ليگ ۾ کيڏڻ لاءِ اين او سي جاري نه ڪئي ويندي.
پڌرائي ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته پي سي بي انتظاميا 30 جنوري 2024 تي انصاف جي اصولن مطابق حارث پنهنجي دفاع جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو پر هو ڪو به تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو.
پي سي بي جو اِهو فيصلو انهن رانديگرن لاءِ به هڪ واضح پيغام آهي جيڪي ٽيم کي ترجيح نه ڏيندا انهن به نظر انداز ڪرڻ ۾ دير نه لڳندي، حارث رئوف کي پاڪستان لاءِ قرباني ڏيڻ گهرجي ها ڇو ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ رکندڙ رانديگر وٽ ٻي ڪا به چوائس ناهي هوندي، جيڪڏهن کيس آرام ڪرڻو هو ته پهريان ئي ٻڌائي ڇڏي ها ته جيئن سليڪشن ڪميٽي ڊگهي عرصي کان پنهنجي واري جو انتظار ڪندڙ رانديگرن کي موقعو فراهم ڪري ها.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي به اِهو واضح ڪرڻ گهرجي ڪهڙي رانديگرن کي ڪهڙي فارميٽ تائين محدود رکڻو آهي ڇو سموري دنيا ۾ ليگز ڪرڪيٽ جي ڀرمار ۽ پئسي جي ڪشش سبب به رانديگر ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ کان نابري واري رهيا آهن، بورڊ کي گهرجي ته قومي ڪرڪيٽرن کي ڀارت جي طرز تي صرف علائقائي ٽورنامينٽس ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي جيئن نوجوان سينيئرز ڪرڪيٽرن منجهان لاڀ حاصل ڪري سگهن ۽جيئن وڏي پليٽ فارم تي پرفارم ڪرڻ ۾ کين ڪا به ڏکيائي پيش نه اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.