”دشمن قوتن جي پاڪستان تي اک آهي، اسٽيبلشمينٽ کي نشانو بڻائڻ ٺيڪ ناهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته هن وقت اسٽيبلشمينٽ کي نشانو بڻائڻ ٺيڪ ناهي، سڀني دشمن قوتن جي نظر پاڪستان جي حالتن تي آهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته اسان جي ذهن ۾ ڪجهه خدشا هئا، اهڙين حالتن ۾ چونڊون ٿيون، جڏهن پاڪستان مختلف مسئلن ۾ ڦاٿل هو، دهشتگردي جا خطرا هئا، ڪيترن ئي ماڻهن کي خدشو هو ته چونڊون نه ٿينديون.
هن چيو ته ملڪي ادارن سبب ڪنهن حد تائين پرامن چونڊون ٿي ويون، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سڀني کي سياست بدران رياست کي بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجي حصي جو نقصان ڪري هتي ويٺا آهيون، هي وقت باهه لڳائڻ جو نه باهه وسائڻ آهي، سياسي جماعتن جا جيڪي بيان اچي رهيا آهن، انهن سان جمهوريت ۽ پاڪستان کي وڏو نقصان پهچي سگهي ٿو، توهان پاڪستان کي بند گهٽي ۾ نه وٺي وڃو، جيڪڏهن جمهوريت نه رهي ته ڪجهه به نه رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.