سعودي عرب ويندڙن لاءِ اهم خبر

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي حڪومت ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي خواهشمندن جي پاسپورٽ جو مدو گھٽ ۾ گھٽ 6 مهيني لازمي هجڻ قرار ڏئي ڇڏيو.
سعودي سول ايويئيشن مسافرن لاءِ نئين ٽريول ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب اهو فيصلو وزٽ ويزا، بزنس ويزا، سياحتي ويزا سوڌو سڀني قسمن جي ويزا تي سعودي عرب ويندڙن تي لاڳو ٿيندو.
سعودي ايويئيشن سڀني ايئرلائينز کي هدايت نامو جاري ڪندي چيو آهي ته 6 مهينن کان گھٽ مدي وارو پاسپورٽ رکندڙ مسافرن کي بورڊنگ کان انڪار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.