حليم عادل شيخ جيل مان نڪري آيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ کي رليز آرڊر کانپوءِ سينٽرل جيل مان آزاد ڪيو ويو.
حليم عادل شيخ مجموعي طور تي 5 مهينن کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهيو، سندس آزادي جي موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪن سينٽرل جيل ٻاهران موجود هئا.
پي ٽي آءِ سنڌ جي ترجمان موجب حليم عادل شيخ تي مجموعي طور 40 ڪيس هئا، سڀني ڪيسن ۾ کيس ضمانت تي آزاد ملي چڪي آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ تي زمينن تي قبضي، 9 مئي حملن ۽ پوليس تي حملي جا الزام آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.