نيون گاڏيون خريد ڪندڙن لاءِ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي 40 لک يا 1400 سي سي گاڏين تي سيلز ٽيڪس وڌائي ڇڏيو، گاڏين تي 25 سيڪڙو تائين سيلز ٽيڪس لاڳو هوندو.
ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مقامي سطح تي مينوفيڪچرر ڪارن تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي.
اي سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب 40 لک ماليت يا 1400 سي سي گاڏين تي هاڻ 25 سيڪڙو تائين سيلز ٽيڪس لاڳو هوندو، جنهن سان ايف بي آر کي هلندڙ مالي سال دوران ان مد ۾ 4 ارب رپين جو واڌو روينيو حاصل ٿيندو.
40 لک ماليت يا 1400 سي سي گاڏين تي سيلز ٽيڪس کي ايندڙ بجيٽ ۾ به لاڳو ڪيو ويندو، 1400 سي سي گاڏي تي 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيڻ سان اگهه وڌڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.