پي ٽي آءِ چونڊ نتيجن خلاف جي ڊي اي جي احتجاج جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چونڊ نتيجن خلاف جي ڊي اي جي احتجاج جي حمايت جو اعلان ڪندي ڪارڪنن کي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪري ڇڏي.
تحريڪ انصاف عام چونڊن جي نتيجن خلاف جي ڊي اي جي احتجاج جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ سنڌ جي ترجمان موجب ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي آهي، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي اميدوارن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا.
ترجمان چيو ته پير پاڳاري خاندان سدائين ملڪ جي سلامتي ۽ بقا جي جنگ وڙهي آهي، جي ڊي اي اميدوارن سان به ناانصافي ٿي آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪن احتجاج ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.