خوشبوءِ سنگھڻ سان ڊپريشن کان بچي سگھجي ٿو: تحقيق

هڪ تحقيق موجب خوشبوءِ سنگھڻ ناڪاري يادن کي جنم ڏيڻ ۾ لفظن کان وڌيڪ اثرائتي آهي ۽ اها ڊپريشن جو شڪار ماڻهن کي ناڪاري سوچ کان آزاد ٿيڻ ۾ به مدد ڪري سگهي ٿي.
ڇا اوهان کي ڪڏهن زندگي ۾ ڪنهن مخصوص خوشبوءِ کي سنگھڻ کان پوءِ پنهنجي زندگي جو ڪو خاص وقت ياد آيو آهي؟
يونيورسٽي آف پٽسبرگ پاران تحقيق ڪئي وئي جنهن ۾ 18 کان 55 ورهين جي عمر جي 32 اهڙن ماڻهن کي گڏ ڪيو ويو جيڪي شديد ڊپريشن جي عارضي ۾ مبتلا هئا.
سڀني ماڻهن کي مختلف قسمن جي خوشبوءِ سُنگھائي وئي جنهن ۾ وڪس واپورب، گرائونڊ ڪافي، ناريل جو تيل، زيري جو پائوڊر، ريڊ وائين، ونيلا ايڪسٽريڪٽ، لونگ، پالش ۽ ڪيچپ شامل آهن.
رپورٽ موجب خوشبوءِ سنگھڻ کان پوءِ نيورو سائنسدانن تحقيق ۾ شامل ماڻهن کان ڪنهن وقت ڀلي اُهو سٺو هجي يا خراب ياد ڪرڻ جو چيو ويو.
تحقيق جي مرڪزي ليکڪ ڪيمبرلي ينگ ٻڌايو ته اُهي ماڻهو جيڪي هر وقت اداس رهندا آهن، جڏهن اُهي ڪا ڄاتل سڃاتل خوشبوءِ سنگھندا آهن ته ان ۾ عام يادن جي ڀيٽ ۾ خاص يادن يا واقعن کي ياد رکڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن، مثال جي طور تي هڪ هفتو اڳ ڪافي شاپ تي وڃڻ وغيرا.
ڪيمبرلي ينگ موجب اهو مون لاءِ گھڻو حيران ڪندڙ هو ان کان اڳ ڪنهن به ڊپريسن جو شڪار ماڻهن ۾ خوشبوءِ جو استعمال ڪندي يادداشت کي ڏسڻ بابت ناهي سوچيو.
تحقيق ۾ سامهون آيو ته دماغ جو هڪ حصو جنهن کي اميگڊالا چيو ويندو آهي، اهو خطري ۾ ردعمل ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي ۽ مخصوص واقعن تي ڌيان ڏئي شين کي ياد رکڻ ۾ به مدد ڪري ٿو.
خوشبوءِ اميگڊالا کي متحرڪ ڪري ٿي، جيڪو اسان جي سنگھڻ جي حس سان سلهاڙيل هوندي آهي.
ينگ تحقيق اهو ڄاڻڻ بعد ڪئي ته ڪيئن خوشبوءِ ماڻهن ۾ هاڪاري يادن کي جنم ڏئي سگھي ٿي.
سندس چوڻ هو ته خوشبوءِ هاڪاري يادن کي جنم ڏيڻ ۾ لفظن کان وڌيڪ اثرائتي آهي ۽ امڪاني طور تي ڊپريشن جو شڪار ماڻهن کي ناڪاري سوچڻ کان آزاد ٿيڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.