شڪيب الحسن جي ڊگهي حڪمراني جو خاتمو، محمد نبي نمبر ون آل رائونڊر بڻجي ويو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جي هفتيوار رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي رينڪنگ موجب، ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم پهرين، ٽيسٽ ۾ پنجين ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ چوٿين پوزيشن آهي.
آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ فخر زمان هڪ درجو ترقي ماڻي ٻارنهين نمبر تي اچي ويو.
ون ڊي جي آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ افغانستان جي محمد نبيءَ بنگلاديشي آل رائونڊر شڪيب الحسن کان پهرين پوزيشن کسي ورتي آهي.
شڪيب الحسن 1739 ڏينهن نمبر ون پوزيشن تي رهڻ جو اعزاز حاصل ڪيو جڏهن ته بالرز ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشو مهاراج جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.
پاڪستان جو شاهين آفريدي هڪ درجو وڃائيندي اٺين نمبر تي هليو ويو آهي.
ٽيسٽ بيٽرز جي رينڪنگ نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن جو پهريون نمبر آهي، جڏهن ته بابر اعظم پنجين پوزيشن موجود آهي.
بالرن ۾ ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا جي پهرين پوزيشن آهي، جڏهن ته آل رائونڊرز ۾ راويندرا جاڙيجا جو پهريون نمبر آهي.
ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو جو پهريون، فل سالٽ ٻئين، محمد رضوان ٽئين ۽ بابر اعظم چوٿين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته بالرن ۾ انگلش اسپنر عادل رشيد جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.