پيراگلائيڊنگ دوران ناري موت جي منهن ۾ هلي وئي

هماچل پرديش (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست هماچل پرديش ۾ پيراگلائيڊنگ دوران سيفٽي بيلٽ ٽٽڻ سبب عورت موت جي منهن ۾ هلي وئي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب هماچل پرديش جي ضلعي ڪولو ۾ پيراگلائيڊنگ دوران 26 ورهين جي ناري نويا سيفٽي سيٽ بيلٽ ٽٽڻ سبب ڪِري فوت ٿي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب نويا پنهنجي مڙس سائي موهن سان گڏ هماچل پرديش ۾ تفريح لاءِ وئي هئي، نويا جو پيراگلائيڊنگ دوران سيٽ بيلٽ کُلي ويو ۽ هوءَ آسمان تان ڪافي اونچائي کان هڪ گھر جي ڇت تي ڪِري فوت ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.