اهڙي ڪافي، جيڪا نه ڪنهن ڏٺي نه ٻڌي!

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڳاڙهن مرچن جي پائوڊر ۽ خشڪ ثابت مرچن واري ڪافي اڄڪلهه سڀني جون ڌيان ڇڪائي ورتو آهي.
چين جي هڪ ڪافي شاپ مالڪ اهڙي آئس ڪافي متعارف ڪرائي آهي، جنهن ۾ ڳاڙهن مرچن جو پائوڊر ۽ ثابت مرچ، ٻئي شامل ڪيا ويندا آهن.
ان ڪافي کي ڊسمبر ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، جنهن کي ماڻهن پيئڻ شروع ڪيو ته پيئندا ئي ويا.
مرچن واري خاصيت ماڻهن کي مجبور ڪيو ته اهي هڪ ڀيرو ضرور ان کي ٽيسٽ ڪن، جنهن کانپوءِ اها سڀني جي پسند بڻجي وئي.
ڪافي پيئندڙن جو چوڻ آهي ته ان جو ذائقو مصالحيدار ۽ سٺو آهي، جڏهن ته اها ٿوري مٺي به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.