اونهارو اچڻ کان اڳ ئي سولر پئنل جا اگهه آسمان تي پهچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اونهارو آيو ئي ناهي ۽ سولر پئنل جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي واڌ ٿي وئي.
ملڪ ۾ سياري جي پڄاڻي ۽ اونهاري جي موسم اچڻ واري آهي پر گرميون اچڻ کان اڳ ئي سولر پئنل جي اگهن ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي.
رپورٽ موجب سولر پئنلز جي اگهن ۾ 75 هزار کان 3 لک رپين تائين واڌ ٿي وئي آهي، 7 ڪلو واٽ سسٽم جي قيمت ساڍا 8 رپين مان وڌي 9 لک 20 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 ڪلو واٽ سسٽم جي قيمت 11 لک مان وڌي ساڍا 12 لک ۽ 12 ڪلو واٽ سسٽم جي قيمت 14 لک رپين مان وڌي 16 لک رپيا ٿي وئي آهي.
15 ڪلو واٽ سولر پئنلز سسٽم جي قيمت 3 لک رپيا واڌ سان 18 لک رپيا ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.