آمريڪا جو پاڪستان ۾ شفاف چونڊ عمل يقيني بڻائڻ تي زور

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا هڪ ڀيرو وري پاڪستان ۾ شفاف چونڊ عمل يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي.

وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرن جين پيئر چيو آهي ته نجي ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ سياستدانن کي واضح ڪري چڪا آهيون ته عوامي خواهشن جو احترام ڪن ۽ چونڊ عمل ۾ شفافيت يقيني بڻائين، جيڪو تمام اهم ۽ ضروري آهي.

ترجمان ٻڌايو ته صدر بائيڊن پاڪستاني چونڊن جي نتيجن کان آگاهه آهي ۽ ڄاڻي ٿو ته پاڪستاني چونڊن ۾ عورتن ۽ نوجوانن سميت لکين پاڪستان ووٽ وجهڻ لاءِ نڪتا.

وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا هم خيال جمهوريتن سان گڏ بيٺل هجڻ تي فخر ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.