تيز رفتار گاڏي اسپتال جي ايمرجنسي ۾ گھڙي آئي، ڊرائيور فوت، 5 ڄڻا زخمي

ٽيڪساس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ اسپتال جي ايمرجنسي روم ۾ تيز رفتار گاڏي گھڙي آئي جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور فوت ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ هڪ تيز رفتار گاڏي سينٽ ڊيوڊ نارٿ آسٽن ميڊيڪل سينٽر جي ايمرجنسي روم جي لابي ۾ گھڙي آئي، ان حادثي م ڊرائيور فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اختيارين ٻڌايو ته حادثي کان پوءِ ڊرائيور کي گاڏي مان ڪڍيو ويو ۽ ايمرجنسي روم ۾ سي پي آر ڏني وئي پر هو نه بچي سگھيو، حادثي ۾ ايمرجنسي روم جي لابي ۾ موجود 5 ڄڻا به زخمي ٿيا.
آسٽن پوليس ڊپارٽمينٽ موجب حادثي جي جاچ جاري آهي جڏهن ته ايوسٽن ٽريوس ڪائونٽي ايمرجنسي ميڊيڪل سروسز جي ڪيپٽن ڪرسٽا اسٽيڊمين ٻڌايو ته زخمين ۾ هڪ ٻار وڌيڪ زخمي ٿيو آهي جڏهن ته ٻين زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.