پي سي بي، پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جو ترانو جاري ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي نائين ايڊيشن جو آفيشل ترانو جاري ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پي ايس ايل 9 جو ترانو ” کُل ڪي کيل “ جي عنوان سان جاري ڪيو ويو آهي.


پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن جو ترانومشهور راڳي، موسيقار ۽ اداڪار علي ظفر ڳايو آهي جڏهن ساڻس گڏ آئما بيگ سُر وکيريا آهن.
پاڪستان سپر ليگ جا مقابلا 17 فيبروري کان شروع ٿيندا، ميگا ايونٽ جون ڪراچي سميت ملڪ جي چئن شهرن ۾ ميچون شيڊيول آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.