رمضان رليف پيڪيج: يوٽيليٽي اسٽورن تي ڪيتريون شيون سستيون ملنديون؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رمضان رليف پيڪيج تحت يوٽيليٽي اسٽورن تي 19 بنيادي شين تي رعايت هوندي، گذريل ڏينهن نگران وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) 7.4 ارب رپين جي رمضان رليف پيڪيج 2024 جي منظوري ڏني.
رمضان رليف پيڪيج تحت يوٽيليٽي اسٽورن تي جن شين تي رعايت هوندي، انهن ۾ اٽو، کنڊ، گيهه، تيل ۽ چانور شامل آهن.
يوٽيليٽي اسٽورن تي داليون، خارڪ، بيسڻ، کير، شربت ۽ مصالحه به سستي اگهه تي ملندا.
رمضان رليف پيڪيج مان رڳو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جا خاندان فائدو کڻي سگهندا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته جيڪي خاندان رجسٽرڊ ناهن، اهي بي آءِ ايس پي جي ويجهي آفيس سان رابطو ڪري سگهن ٿا، ٽارگيٽڊ سبسڊي کانسواءِ جنرل واهپيدارن لاءِ به خاص رعايتي اگهه مقرر ڪيا ويندا.
واضح رهي ته نگران وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي گذريل ڏينهن 7.4 ارب رپين جي رمضان رليف پيڪيج جي منظوري ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.