2047ع تائين ڀارت کي ترقي يافتا بڻائڻ جو خواب آهي: مودي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته ڀارت کي 2047ع تائين ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جو خواب آهي.
ڀارتي وزيراعظم گذريل ڏينهن گڏيل عرب امارتن جي دوري تي پهتو جتي هن اماراتي صدر شيخ محمد بن زايد سان ملاقات ڪئي، ان دوران نريندر مودي واپار ۽ سيڙپڪاري تي مفاهمت جي يادداشت تي صحيح ڪئي.
ان حوالي سان ابوظهبي جي شيخ زايد اسٽيڊيم ۾ خطاب ڪندي مودي چيو ته دنيا ڀارتي ترقي ڏانهن نهاري رهي آهي، ڀارت کي 2047ع تائين ترقي يافتا ملڪ بڻائڻ جو خواب آهي.
ان کانسواءِ مودي اڄ ابوظهبي ۾ مندر جو افتتاح به ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.