گوگل ميپس جي اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ ڪارائتو فيچر متعارف

ڪئليفورينا (ويب ڊيسڪ ) گوگل ميپس ۾ هڪ اهڙو فيچر اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو ڊگهي عرصي کان آءِ او ايس ڊيوائسز ۾ موجود آهي.
هڪ رپورٽ موجب، اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ گوگل ميپس ايپ جي نئين فيچر ذريعي اينڊرائيڊ صارفين کي موسم جي صورتحال ۽ فضائي معيار بابت ڄاڻڻ آساني ٿيندي.
رپورٽ موجب، موسم ۽ فضائي معيار بابت هڪ باڪس سرچ بار جي هيٺان کاٻي ڪنڊ ۾ موجود هوندو، ان باڪس ۾ گرمي پد ۽ هوا جي معيار جا تفصيل به موجود هوندا جڏهن ته ان باڪس ۾ برسات، برفباري يا ٻيون موسمي اڳڪٿيون پڻ ڪيون وينديون.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن ڪو واهپيدار ڄاڻايل باڪس تي ڪلڪ ڪندو ته وڌيڪ موسمي تفصيل جهڙوڪ ايندڙ 12 ڪلاڪن دوران گرمي پد ڇا هوندو يا گرمي جي شدت ڪيتري حد تائين محسوس ڪئي ويندي وغيرا ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي.
فضائي معيار واري سيڪشن تي ڪلڪ ڪرڻ تي ايئر ڪوالٽي ميپ ليئر لوڊ ٿيندي، اِهو باڪس بنهه ننڍڙو هوندو ۽ گوگل ميپس تي ڪجهه سليڪٽ ڪرڻ جي صورت ۾ گم ٿي ويندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اِهو فيچر اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو سلسلو جاري ۽ تمام جلد سمورن واهپيدارن اِهو استعمال ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.