شاهه رخ خان “جيمز بانڊ“ جي ڪردار ۾ نظر ايندو؟

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان اعتراف ڪيو آهي ته هالي ووڊ فلم سيريز جيمز بانڊ جو مک ڪردار نه ڪري سگهندو ڇو ته سندس قد ننڍڙو آهي.
شاهه رخ خان پنهنجي دلچسپ انداز ۾ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ ( ڊبليو جي ايس ) 2024ع کي خطاب ڪندي چيو ته هو جيمز بانڊ جو ڪردار نٿو ڪري سگهي ڇو ته سندس قد ننڍڙو آهي پر هو فلم ۾ ولن جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
واضح رهي ته جيمز بانڊ فلم سيريز ۾ ڊينئل ڪريت کان وٺي پيئر بروسنن تائين سڀ ئي جاسوس وارو مک ڪردار ادا ڪري مڃتا ماڻي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.