”پ پ اقتدار جا مزا وٺندي ۽ سڄو ڏوهه ن ليگ تي ايندو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته پ پ جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ آهن، اها اقتدار جو مزو وٺندي ۽ سڄو ڏوهه ن ليگ تي ايندو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته اتحادي حڪومت ٺهي رهي آهي، آئيني پوزيشن کوکلي رهجي ويندي.
سندس موجب وري چوان ٿو نواز شريف وزيراعظم بڻيو ته حڪومت 6 مهينا هلندي، شهباز شريف بڻيو ته هڪ ڏيڍ سال حڪومت هلندي.
هن چيو ته ن ليگ جو آخري اقتدار آهي، مزا وٺو پوءِ توهان کي ڪير ليکيندو، اڳتي ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم اقتدار ۾ نه اينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.