نون ڪرنسي نوٽن بابت اهم خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ نون ڪرنسي نوٽن جي ڊيزائن لاءِ آرٽ مقابلو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مقابلي ۾ حصو وٺندڙ سمورا اميدوار 11 مارچ تائين پنهنجي ڊيزائن اسٽيٽ بئنڪ کي موڪلي سگهن ٿا.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پهريون ڀيرو نون ڪرنسي نوٽن جي ڊيزائن لاءِ عوام کان راءِ گهري ورتي.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان نون نوٽن جي ڊيزائن لاءِ آرٽ مقابلا ٿي رهيا آهن، آرٽ مقابلي ۾ آرٽسٽ، ڊيزائينر ۽ آرٽ جا شاگرد حصو وٺڻ جا اهل آهن.
اسٽيٽ بئنڪ ترجمان طرفان چيو ويو آهي ته سموري ماليت جا نوان ڪرنسي نوٽ جاري ڪرڻ تي ڪم جاري آهي، آرٽ مقابلي ۾ آرٽسٽ مختلف ٿيمز تي ڊيزائن تيار ڪري سگهن ٿا.
ترجمان چيو ته مختلف ماليت جي هر نوٽ لاءِ 3 ڊيزائن چونڊيون وينديون، جن کي پروفيشنل بئنڪ نوٽ ڊيزائينرن جي مدد سان حتمي شڪل ڏني ويندي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب پوءِ ڊيزائن منظوري لاءِ حڪومت کي موڪلي ويندي، آرٽ مقابلي ۾ حصو وٺندڙ سمورا اميدوار 11 مارچ تائين پنهنجي ڊيزائن اسٽيٽ بئنڪ کي موڪلي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.