بالي ووڊ وارن کي ڏکڻ ڀارتي فلمن مان سبق سکڻ گهرجي: عمران خان

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي هندي فلمن بدران ڏکڻ ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
هڪ انٽرويو دوران عمران خان هاشمي اعتراف ڪندي چيو ته بالي ووڊ انڊسٽري کي ڏکڻ ڀارتي فلمن مان سبق سکڻ گهرجي.
هن چيو ته مون ڪڏهن به نه سوچيو هو ته ڏکڻ ڀارتي فلمن ۾ به ڪم ڪندس يا ڪڏهن ڪنهن فلم ۾ ولن جو ڪردار ادا ڪندس پر رڳو ٽن شين جي ڪري ڏکڻ ڀارتي فلمن رخ ڪيو، جنهن بهترين اسڪرپٽ، ڪردار ۽ ڪشادو اسپيس آهي.
اداڪار چيو ته مون کي لڳي ٿوته ڏکڻ ڀارتي فلمساز بالي ووڊ کان وڌيڪ نظم ۽ ضبط جا پابند آهن، هو جيترو پئسو پنهنجي فلم تي خرچ ڪندا آهن اِهو وڏي پردي تي نظر ايندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته بالي ووڊ انڊسٽري فلمون ٺاهيندي تمام گهڻو پئسو بنا سبب وڃائي ڇڏيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.