شير افضل مروت جي دعويٰ تي پ پ جو سخت ردعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت جي آصف زرداري طرفان رابطي جي ڪوشش جي دعويٰ تي پ پ سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
شير افضل مروت جي بيان تي ردعمل ڏيندي پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پي ٽي آءِ کي جيڪڏهن سرڪاري موقف ڏيڻو آهي ته ڪنهن سنجيده شخص کان ڏياري، مان شير افضل مروت کي سنجيده شخص نٿو سمجهان.
هن چيو ته شير افضل مروت ڪاميڊي شو ته ڪري سگهي ٿو پر سنجيده سياستدان نٿو بڻجي سگهي، کيس خواب ۾ به آصف زرداري نظر اچي رهيو آهي، پي ٽي آءِ وارن کي خبر پئجي وئي آهي ته هاڻ انهن جي حڪومت نه ٺهندي.
سندس موجب پ پ وزيراعظم لاءِ شهباز شريف کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته پوءِ پي ٽي آءِ سان رابطو ڇو ڪندي؟ شير افضل مرت جي دعويٰ ٻاراڻي ۽ غير سنجيده آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.