ٻن سياڻن ماڻهن جي هڪٻئي کي پسند ڪرڻ ۾ برائي ناهي، شعيب ۽ ثناءَ جي شادي تي شائستا جو ردعمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اداڪارا ۽ ميزبان شائستا لوڌي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ ۽ اداڪارا ثناءَ جاويد جي شادي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران ميزبان شائستا لوڌي کان شعيب ملڪ ۽ ثناءَ جاويد جي شادي بابت سوال ڪندي پڇيو ته اوهان ٻنهي کي سڃاڻو، ڇا اوهان کي اندازو هو ته ٻنهي جي شادي ٿيڻ واري آهي؟ .
ان تي شائستا لوڌي چيو ته جيڪڏهن قسمت ۾ لکيل هو ته زندگي گڏ گذارڻ لاءِ ٻن سياڻن ماڻهن جي هڪٻئي کي پسند ڪرڻ ۽ چونڊ ڪرڻ ۾ ڪا به برائي نه آهي.
هن چيو ته اندازو هو يا نه اِها پنهنجي چونڊ هوندي آهي، اسان ماڻهن کان بچڻ پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن بابت ناهيون ڳالهائيندا، زندگيءَ جا اڻوڻندڙ واقعا بيان ڪرڻ ضروري ناهي.
سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا واندي مخلوق جي وندر لاءِ آهي، ماڻهن کي جيڪو وڻي ٿو لکن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.