”آصف زرداري ڪالهه رات پي ٽي آءِ سان رابطي جي ڪوشش ڪندو رهيو“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻو صدر آصف زرداري ڪالهه رات پي ٽي آءِ سان رابطي جي ڪوشش ڪندو رهيو.
صحافين سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته آصف زرداري ڪالهه رات 11 وڳي تائين مون سان رابطو ڪندو رهيو، هن رابطن تي موجود قيادت عليما خان، شهريار آفريدي، شاندانا گلزار، اسان ويهي ڊسڪشن ڪئي.
سندس موجب پ پ اشارو ڏنو ته جيڪي توهان جون سيٽون آهن، ڊيو پراسس آف لا سان واپس وٺي ڇڏيو، اسان اعتراض نه ڪنداسين.
هن دعويٰ ڪئي ته پ پ اشارو ڏنو ته اسان جي ترجيح ن ليگ بدران پي ٽي آءِ آهي.
شير افضل مروت چيو پي ٽي آءِ باني جو واضح موقف آهي ته مينڊيٽ چورائيندڙن سان گڏ حڪومت نه ٺاهينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.