” ڪير به غير ناهي، سڀ منهنجا پنهنجا آهيو“ ليجنڊري ڌرميندر جو سرحد پار کان محبت ڀريو پيغام

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي ليجنڊ اداڪار ڌرميندر پاڪستاني اداڪار احسن خان جي نالي محبت ڀريو پيغام جاري ڪري ڇڏيو.
ادڪار احسن خان پنهنجي انسٽاگرام تي ڀارت جي سينيئر اداڪار ڌرميندر جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ اداڪار احسن خان لاءِ محبت سان ڀرپور پيغام ڏنو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Ahsan Khan (@khanahsanofficial)


ڌرميندر پنهنجي پيغام۾ چيو ته پيارا احسن خان، اوهان سڀ منهنجا پنهنجا آهيو، مون ڪڏهن به اوهان کي پرايو ناهي سمجهيو، سڀ پيارا ماڻهو آهن، آرٽسٽ ته جذباتي هوندا آهن، اوهان جي وڌيڪ مقبوليت لاءِ دعاگو آهيان.
ادڪار احسن خان ڌرميندرا جي وڊيو پيغام تي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ کيس شعلي فلم جي مشهور ڪردار ويرو جي نالي سان سڏيو.
پاڪستاني اداڪار ڌرميندرا کي پنهنجو پسنديدا اداڪار قرار ڏنو ۽ سندس لاءِ دعا ڪئي.
سوشل ميڊيا واهپيدار طرفان فنڪارن جي هڪٻئي کي محبت ڀريا پيغام موڪلڻ واري عمل کي ساراهيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.