اسد شفيق، سچن ٽنڊولڪر کي پنهنجو ”هيرو“ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي اڳوڻي مڊل آرڊر بيٽر اسد شفيق انڪشاف ڪيو آهي ته ليجنڊري ڀارتي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر شروعاتي ڏينهن ۾ سندس هيرو هو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي اڳوڻي ڪرڪيٽر اسد شفيق جي هڪ ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي ابتدائي ڏينهن بابت گفتگو ڪندي نظر اچي رهيو آهي.


هن ٻڌايو ته سندن گهر ننڍڙو هو ۽ وٽس رهڻ لاءِ الڳ ڪمرو نه هيو پر هڪ ميز هئي جنهن ۾ رڳي سچن ٽنڊولڪر جون تصويرون هيون.
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته شروعاتي ڏينهن ۾ سچن ٽنڊولڪر سندس هيرو هيو، فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ قدم رکڻ کانپوءِ محمد يوسف کي پنهنجو آئيڊيل بڻايو.
هن چيو ته محمد يوسف ان وقت ڪيريئر جي عروج تي هو، هن هڪ سال دوران سڀ کان وڌيڪ سينچريون اسڪور ڪيون هيون، محسوس ٿيندو هو ته سندس بيٽ ۾ ڪجهه آهي هو ڪو به بال نه ڇڏيندو هو.
ياد رهي ته اسد شفيق 77 ٽيسٽ، 60 ون ڊي ۽ 10 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ مجموعي طور 6 هزار 188 رنسون ٺاهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.