”ڪراچي ۾ هزارين ڏوهاري ۽ سيريل ڪلر موجود، هزارين گهربل جوابدار مفرور آهن“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس صلاح الدين پنهور ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪراچي جا ڪجهه علائقا ڏوهارين جو ڳڙهه بڻجي چڪا آهن.
50 سالن کانپوءِ به پلاٽ جو تڪرار حل نه ٿيڻ خلاف شهري جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ماتحت عدالت مان ڪيس جا ڪاغذ گم ٿيڻ تي انڪوائري جو حڪم ڏنو، جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪي ڊي اي منهنجي اصيل کي متبادل پلاٽ ڏئي رهي آهي، جتي پلاٽ ڏنو پيو وڃي، اهو علائقو ڏوهارين جو ڳڙهه آهي ۽ اتي بنيادي سهولتون به ناهن.
جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته اها جاءِ ڇا ڪراچي جا ڪجهه علائقا ڏوهارين جو ڳڙهه بڻجي چڪا آهن، شهر ۾ هزارين ڏوهاري ۽ سيريل ڪلر موجود آهن، جڏهن ته هزارين گهربل جوابدار مفرور آهن.
درخواستگذار جي وڪيل رياض عالم ايڊووڪيٽ چيو ته شهري منصور لطيفي جي پيءَ 1975 ۾ ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ 1000 گز جو پلاٽ خريد ڪيو هو، جنهن تي قبضو ڪيو ويو.
وڪيل چيو ته ماتحت عدالت ڪي ڊي اي کي سرجاڻي ٽائون ۾ پلاٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو، ڪي ڊي اي کي ڪنهن ٻئي هنڌ پلاٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.