پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪهڙا ڪهڙا رڪارڊ ٽٽي سگهن ٿا؟

پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي نائين ايڊيشن شروع ۾ ٽي ڏينهن باقي آهن پر هر گذريندڙ ڏينهن سان شوقينن جو جوش ۽ جذبو وڌندو پيو وڃي.
نائين سيزن کان اڳ اچو ته اوهان کي ڪجهه ميگا ايونٽ جي انوکن رڪارڊ بابت ٻڌايون.
سڀ کان وڌيڪ ميچون کيڏڻ جو رڪارڊ
پي ايس ايل جي تاريخ ۾ پشاور زلمي جي نمائندگي ڪندڙ قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ موجودا چيف سليڪٽر وهاب رياض سڀ کان وڌيڪ 88 ميچون کيڏي چڪو آهي جڏهن ته 81 ميچن سان شعيب ملڪ جو ٻيو نمبر آهي.
ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد ان فهرست ٽئين نمبر تي آهي، کيس پاڪستان سپر ليگ ۾ اسي ميچون کيڏڻ جو اعزاز حاصل آهي.
سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون
پي ايس ايل جي تاريخ ۾ 88 ميچن ۾ 113 وڪيٽن سان وهاب رياض سڀ کان ڪامياب بالر آهي، حسن علي 94 وڪيٽڻ سان ٻئي جڏهن ته شاهين آفريدي 62 ميچن ۾ 89 وڪيٽن سان ٽئين نمبر تي موجود آهي.
سڀ کان وڌيڪ سينچريون
پشاور زلمي جي اڳوڻي رانديگر ۽ پاڪستان سپر ليگ جي بهترين بيٽر ۾ ڪامران اڪمل ست سيزن ۾ ٽي سينچريون ٺاهيون، جيڪي سڀ کان وڌيڪ آهن، هن کانپوءِ جيسن راءِ، شرجيل خان، رلي روسو ۽ فخر زمان ٻه، ٻه سينچريون اسڪور ڪري چڪا آهن.
هڪ اننگز ۾سڀ کان وڌيڪ ڇڪا
پي ايس ايل 2020ع جي سيزن ۾ لاهور قلندرز جي بين ڊِنڪ هڪ اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ رانديگر آهي، هن اِهو ڪارنامو ٻه ڀيرا انجام ڏنو، ڪراچي ڪنگز خلاف 12 جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف 10 ڇڪا هڪ اننگز ۾ هنيا هئا، جڏهن ته هلندڙ سيزن ۾ پي ايس ايل جو حصو نه آهي.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جو نائون ايڊيشن سترنهن فيبروري کان شروع ٿيندو جڏهن ته ايونٽ جو فائنل ڪراچي جي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ 18 مارچ تي شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.