نواز شريف جي سياست ختم ٿيڻ جون ڳالهيون، مريم نواز خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته وزارت عظميٰ قبول نه ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته نواز شريف سياست ڇڏي رهيو آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته نواز شريف طرفان سياست ڇڏڻ جي ڳالهه درست ناهي، ايندڙ 5 سال نواز شريف نه رڳو ڀرپور سياست ڪندو پر وفاق ۽ پنجاب ۾ پنهنجي حڪومتن جي سرپرستي به ڪندو، اسان نواز شريف جي سربراهي ۽ نگراني ۾ ڪم ڪنداسين.
هن چيو ته نواز شريف جي ٽنهي حڪومتن ۾ عوام واضح اڪثريت ڏني هئي ۽ اها ڳالهه هو پنهنجي بيان ۾ واضح ڪري چڪو آهي ته هو ڪنهن گڏيل حڪومت جو حصو نه بڻجندو، جيڪي ماڻهو نواز شريف جي مزاج کان واقف آهن، انهن کي سندس اصولي موقف جي خبر آهي.
سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ۽ مان ان جا سپاهي آهيون، سندس حڪم جا پابند آهيون، الله اسان کي ڪاميابي عطا فرمائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.