سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ به اگهه گهٽجي ويا.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 33 ڊالر گهٽجڻ سان 2 هزار 10 ڊالرن جي سطح تي اچي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۾ به سون سستو ٿي ويو آهي.
پاڪستان ۾ في تولو سون 3 هزار 500 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 10 هزار 800 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته 10 گرام سون 3 هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 80 هزار 727 رپين جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.