فرسٽ وومين بئنڪ گڏيل عرب امارتن جي حڪومت کي کپائڻ فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فرسٽ وومين بئنڪ گڏيل عرب امارتن جي حڪومت کي کپائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گڏيل عرب امارتن کي فرسٽ وومين بئنڪ بين الحڪومتي بنياد تي سڌي ريت وڪرو ڪئي ويندي.
وفاقي حڪومت فرسٽ وومين بئنڪ گڏيل عرب امارتن جي حڪومت کي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
يو اي اي جي رضامندي تي فرسٽ وومين بئنڪ جا 82 سيڪڙو شيئرز وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گڏيل عرب امارتن کي فرسٽ وومين بئنڪ بين الحڪومتي بنياد تي سڌي ريت وڪرو ڪئي ويندي.
وڪري کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ فرسٽ وومين بئنڪ کي نئون لائسنس جاري ڪندي.
فرسٽ وومين بئنڪ جي قيمت طئي ڪرڻ ۽ معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ 8 رڪني ڪابينا ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.